اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام سڀ ڄاڻي ٿو، پنهنجي ڏوهاري کي سڃاڻي ٿي، معاشي تباهي جو چهرو صرف عمران خان آهي، نواز شر??ف ۽ شهباز شر??ف جي ??ور ۾ سدائين مهانگائي ۽ ڪرپشن ختم ٿي، نواز شر??ف، شهباز شر??ف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين عوام کي رليف ڏنو آهي، عمران خان جي معاشي ڏوهه جي ??زا پاڪستان جي ??وام کي نٿا ڏيڻ چاهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيٽرول جي قيمت وڌائڻ آسان آهي، پر اسان عوام کي وڌيڪ تڪليف کان بچائڻ چاهيون ٿا. عوام وڌيڪ غريب نه ٿئي. ان تي وڌيڪ بار نه پوي، ان لاءِ پيٽرول جي قيمت نه وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي معاشي ڏوهه جو بار کڻڻ ۽ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مهانگائي وڌائڻ مسلم ليگ ن جي لاءِ ان جي منشور جي ??لاف آهي، مريم اورنگزيب چيو ته نواز شر??ف دهشتگردي ??و خاتمو ڪيو، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، مهانگائي گهٽ ڪئي، هن چيو ته مهانگي اٽي، مهانگي گئس، مهانگي بجلي، مهاگين دوائن جو حساب عمران خان کي ڏيڻو پوندو، اطلاعات واري وفاقي وزير مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جي ??ڪومتي دورن ۾ معاشي، اقتصادي ۽ شين جي قيمتن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته نواز شر??ف جي ??ور ۾ ڊالر 116 روپيا هو جنهن کي عمران خان 189 روپين تائين پهچائي ڇڏيو، هن چيو ته 1947ع کان 2018ع تائين سڀني حڪومتن گڏجي 71 سالن ۾ 24953 ارب روپيا قرض حاصل ڪيو ان جي ??بتڙ عمران خان صرف ساڍا ٽن سالن۾ قرض کي 42745 ارب روپين تائين وڌائي ڇڏيو. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شر??ف قومي ترقي جي ??رح 6.1 سيڪڙو تي پهچائي، عمران خان پهرين ان کي منفي ۾ پهچايو ۽ هاڻي 4 سيڪڙو متوقع آهي، هن چيو ته نواز شر??ف جي ??ور ۾ مهانگائي 3.9 سيڪڙو هئي، عمران خان ان کي 13 سيڪڙو تائين پهچايو، نواز شر??ف جي ??ور ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 700 روپين جو هو جيڪو عمران خان جي ??ور ۾ 11 سئو روپين جو ٿيو، نواز شر??ف جي ??ور ۾ کنڊ 52 روپيا في ڪلو هئي جيڪا عمران خان جي ??ور ۾ 120 روپيا في ڪلو ٿي، نواز شر??ف جي ??ور ۾ گيهه 151 روپيا ڪلو هو عمران خان جي ??ور ۾ 470 روپيا ڪلو ٿي ويو. نوازشريف جي ??ور ۾ ب??لي جي في يونٽ قيمت 11 روپيا هئي جيڪا عمران خان جي ??ور ۾ 24 روپيا ٿي وئي، نواز شر??ف جي ??ور ۾ گئس جي قيمت 600 روپيا ايم ايم بي ٽي يو هئي جيڪا عمران خان جي ??ور ۾ 1400 روپيا ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي. اهڙي طرح نواز شر??ف جي ??ور ۾ ڀاڻ جي ٻوري جي قيمت 1380 روپيا هئي جيڪا عمران خان جي ??ور ۾ 3 هزار روپين تائين وڪرو ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ??ور ۾ مالي خسارو 2260 ارب روپيا هو جيڪو عمران خان 5600 ارب روپين تائين پهچائي ڇڏيو. جڏهن ته واپاري خساري مسلم ليگ(ن) جي ??ور ۾ 30.9 ارب ڊالر هو جيڪو عمران خان جي ??ور ۾43 ارب ڊالر تائين پهچي ويو،هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ??ور ۾ جي ڊي پي جي ??ساب سان ٽيڪس 11.1 سيڪڙو هو، يعني ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ٿيو، عمران خان جي ??ور ۾ جي ڊي پي جي ??ناسب سان ٽيڪس گهٽ ٿي ڪري 9.2 سيڪڙو تي اچي ويو. مسلم ليگ (ن) جي ??ور ۾ بيروزگارن جو تعداد گهٽجي 35 لک رهجي ويو هو، جڏهن ته عمران خان جي ??ور ۾ 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا ۽ ڪل تعداد 95 لک ٿي ويو، هن چيو ته نواز شر??ف جي ??ور ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي، عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان 117 نمبر تي اچي ويو، عمران خان جي ??ور ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽٽا، عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان 23 پوائنٽس مٿي ٿي ويو، هن چيو ته عمران خان ٻڌائي؟ پاڪستان ۾ ڪرپشن ڇو وڌي، 117 کان پاڪستان 140 نمبر تي ڇو ويو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن نه پر ملڪ ۾ صرف انتشار چاهي ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ قومي سياسي، عوامي پارٽيون آهن. انهن جي مشاورت سان چونڊن جو فيصلو ٿيندو، عمران خان ۽ ان جا حواري پاڪستان ۾ هڪ ماڻهو، هڪ پارٽي ۽ هڪ سوچ جي ??ڪمراني چاهين ٿا، ائين نه ٿيندو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ پارٽي جي ??ڪمراني جو مطلب فسطائيت ۽ آمريت هوندو آهي. اهو بيان انهي منفي غير جمهوري سوچ جو اظهار آهي.