فيصل آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري پارليامينٽرين، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان طاهر جميل چيو آهي ته موجوده حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ڪشمير جي مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ سفارتي سطح تي دنيا کي ڀارتي ظلمن ب??بت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن. هڪ بيان ۾ هن چي?? ته ڀارتي فوج ڄمون ۽ ڪشمير تي غاصباڻي قبضي جي خلاف ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظ??ار لاءِ مختلف پروگرامز منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ شهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. هن چي?? ته 5 آگسٽ تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غاصباڻي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستاني قوم مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظ??ار ڪندي جڏهن ته ڀارت جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد عالمي طاقتن جو ڌيان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائڻ آهي. هن چي?? ته مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظ??ار ۽ ڀارتي حڪومت پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڀرپور مذمت جي لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي سڄي قوم ث??بت ڪندي ته اها هر لمحي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي. هن چي?? ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي.