اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ غي??فع??ل ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ڪئي ويندي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن برطانوي تعليمدان ۽ برطانوي وز??را??ظم جي ڊيليوري يونٽ جي اڳوڻي سربراهه سر مائيڪل باربر جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وز??را??ظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ برطانوي فارن، ڊيولپمينٽ ۽ ڪامن ويلٿ آفيس جي ڊائريڪٽر جوموئير ۽ سينيئر گورننس ايڊوائيزر نويد عزيز ۽ ميٽ ڪلينسي شامل هئا. وز??را??ظم چ??و ته پاڪستان ۽ برطانيا جا تاريخي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ?? وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چ??و ته برطانيا پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، اسان برطانوي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. وز??را??ظم چ??و ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان غي??فع??ل ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته روانگي واپار ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت سان لاڳاپيل برآمدات جي حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت آهي. وفد کي بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي حوالي سان ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪيو ويو آهي. سر مائيڪل باربر حڪومت جي معاشي بحالي جي پلان کي ساراهيو ۽ چ??و ته حڪومت معاشي سڌارن جي حوالي سان صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وز??را??ظم شهباز شريف جي موثر قيادت ۾ پاڪستان جلد ئي معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. وفد جي ميمبرن چ??و ته برطانيا پاڪستان کي هر شعبي ۾ ڀرپور مدد ۽ تعاون فراهم ڪندو، پاڪستان جي ترقي اسان جي ترقي آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وز??را??ظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا.