اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اولهه ۾ حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي جا مذ??ت جوڳا واقعا ٿيا جنهن تي س??ي دنيا جي مسلمانن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ ڏٺي وڃي ٿي، اسان کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام جي حقيقي پيغام کي اجاگر ڪرڻ لاءِ حضور اڪرم جي زندگيءَ مُبارڪ ۽ قرآن پاڪ جي پيغام کي س??ي دنيا ۾ عام ڪرڻو پوندو، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جو خطرو وڌي رهيو آهي ان لاءِ سخت ا??تياط ڪرڻ جي ضرور?? آهي، عيد ميلاد النبي ﷺ جي سمورين تقريبن ۾ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.