اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري ڪئي وئي، پورٽل تي ٻن سالن م رجسٽرڊ ماڻهن جو انگ 30 لک کا?? وڌي ويو، ٻن سالن ۾ پورٽل کي 27 لک کا?? وڌيڪ شڪايتون مليون جڏهن ته 25 لک کا?? وڌيڪ شڪايتن جو ازالو ٿيو، پورٽل ذريعي ملندڙ شڪايتن جي حل تي نادرا جي ڪارڪردگي سڀ کان اطمينان جوڳي رهي، ٻاهرئين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين ??اران هڪ لک 36 هزار کا?? وڌيڪ ملندڙ شڪايتن مان هڪ لک 28 هزار اڪلايون ويون. و??ير??عظم سيڪريٽريٽ ۾ و??ير??عظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو جي انچارج عادل صافي ڪارڪردگي رپورٽ کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 27 لک 60 هزار ملندڙ شڪايتن مان 13 لک 41 هزار وفاقي حڪومت، 9 لک 45 هزار کا?? وڌيڪ پنجاب، 2 لک 62 هزار خيبرپختونخواهه، هڪ لک 67 هزار سنڌ، 22 هزار 700 اسلام آباد، 19 هزار 600 بلوچستان، 3421 گلگت بلتستان جڏهن ته 619 شڪايتون آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي خلاف مليون. وفاق ۾ سڀ کا?? وڌيڪ شڪايتون بجلي ۽ توانائي بابت هيون جن جو انگ 4 لک 97 هزار کا?? وڌيڪ آهي، پنجاب ۾ سڀ کا?? وڌيڪ ميونسپل سروسز بابت شڪايتون رهيون، باقي صوبن ۾ به ميونسپل سروسز بابت شڪايتن جو تناسب وڌيڪ رهيو. سڀ کا?? وڌيڪ شڪايتون اڪلائڻ جي شرح وفاق ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 95 سيڪڙو رهيو، پنجاب ۾ 94 سيڪڙو، سنڌ ۾ 86 سيڪڙو، اسلام آباد 78، بلوچستان 89، گلگت بلتستان 84، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير 85 سيڪڙو رهيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پورٽل تي 11 لک غيرملڪي به رجسٽرڊ هن، ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي لاءِ هيلپ لائين ??ڻ قائم ڪئي وئي آهي جتان اهي پورٽل بابت معلومات وٺي سگهن ٿا.