اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن ۾ ڦيرڦار بابت اوگرا جي تجويز رد ڪندي پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن کي 31 مئي تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فنانس ڊويزن پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن ۾ اضافي جو بار عوام تي نه وجهڻ چاهي ٿو ۽ پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن کي برقرار رکڻ جي ڏس ۾ حڪومت روينيو ۾ 2.77 ارب رپين جو نقصان برداشت ڪندي. 18 مئي کان پيٽرول جي قيمت 108.56 ??پيا/ ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 110.76 رپيا/ ليٽر، گاسليٽ جي قيمت 80 رپيا/ ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت 77.65 رپيا/ ليٽر برقرار رهندي.