اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شرين مزاري چيو آهي ته فلسطين جي معاملي تي پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، ايتري طاقتور ڪميشن جو ٺهڻ هڪ مشڪل ڪم هو، اهو ڪميشن فلسطين جي نسل پرست اسرائيل طرفان انساني حقن جي ??لاف ورزين جي ??زاداڻي جاچ ڪندو ۽ انساني حقن واري ڪائونسل جنيوا جي ??در کي رپورٽ ڪندو، پاڪستان جي ??جويز تي قرارداد جو اچڻ ۽ ان تي ڪميشن جي ??وڙجڪ وزيراعظم عمران خان جي ??ڪومت جي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي، هن چيو ته ان ڪميشن تي سن سيٽ ڪلاز شامل ناهي يعني اهو ڪميشن ڪنهن محدود مدي لاءِ جوڙيو ناهي ويو ۽ اهو ڪميشن وقتن بوقتن رپورٽ ڏيندو رهندو، هن چيو ته ڪميشن ڏسندو ته نسل پرست اسرائيلي حڪومت والاريل فلسطين سميت اوڀر يروشلم ۾ ڇا ڇا ڪري رهيو آهي، اهو ڪميشن اسرئيل طرفان ڪيل عالمي انساني قانون ۽ عالمي انساني حقن جي ??لاف ورزين جي نشاندهي ڪندو. اهو ڪميشن هيومن رائٽس ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي سفارشون ڏيندو، هن چيو ته گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل ان ڪميشن کي سهولتون مهيا ڪندو جڏهن ته يو اين هيومن رائٽس آفس ان کي لاجسٽڪ ۽ ٽيڪنيڪل سهولتون ڏيندو رهندو ته جيئن ڪميشن پنهنجو ڪم جاري رکي. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اسرائيل فلسطينين جي ??مينن تي زبردستي قبضو ڪري رهيو آهي ان کي اتان کان ڪڍيو پيو وڃي، هن چيو ته اسرائيل هڪ نسل پرست حڪومت آهي جيڪا فلسطين تي قابض آهي. جن ملڪن تي قابض فوج هوندي آهي ان تي فورٿ جنيوا ڪنوينشن لاڳو هوندو آهي جنهن تحت توهان ماڻهن کي انهن جي گهرن مان نٿا ڪڍي سگهو، ان جي ??لائقي مان نٿا ڪڍي سگهو ۽ نه ئي انهن کي جيلن ۾ بند ڪري سگهو ٿا، اها فورٿ جنيوا ڪنوينشن ۾ واضح آهي، هن چيو ته فلسطينن جي ڪا به فوج نه آهي اهي عام شهري آهن جنهن ۾ ٻار به شامل آهن، اسرائيلي ملٽري ڪورٽس ۾ فلسطيني سويلين جا ٽرائل ٿي رهيا آهن.