اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته س??اح?? جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي ??زير محمود خان ملاقات ڪئي. وڏي ??زير وزيراعظم کي مختلف ضلعن ۾ جاري س??اح??ي سرگرمين ۽ ايندڙ ملڪ ۽ غير ملڪي سياحن کي سه??لت فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن جي ازالي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياحن کي بهترين سهولتون ڏيڻ لاءِ جامع حڪم?? عملي جوڙي وئي آهي ان کانسواءِ س??اح?? جي فروغ لاءِ ڏنل روڊ ميپ موجب ترقياتي منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان س??اح?? جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته س??اح?? جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته س??اح?? جي فروغ سان نه رڳو مقامي علائقن ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون پر ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندا.