اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين واضح اعلان ڪي?? آهي ته جيڪو امير ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندو اهو جيل ويندو، 2023ع تائين اوڳاڙيون 7000 ارب رپين تائين کڻي وينداسين، وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف آڏو ڄمي وي?? آهي، هو غريبن تي بار نه وجهندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪندو جڏ??ن ته قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان مخالف ڌر جي ناڻي واري وزارت تي ڪٽوتي جون رٿون رد ??ندي 15 ناڻي جي مطالبن جي منظلري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته ملڪ ۾ بجيٽ سازي جو جيڪو سسٽم هلي رهي?? آهي اهو ٽي سال پراڻو نه آهي پر 74 سالن کان اهو ئي نظام آهي، مخالف ڌر پنهنجي 30 سالن ۾ ان نظام کي به ڏسي وٺي، اها ٽيڪسيشن جو نظام به ڏسي وٺي، اسان به ان نظام بابت چئون ٿا ته اهو ٺيڪ نه آهي جڏ??ن ته اسان ان کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون. اسان سڌارن جي ڳالهه ڪئي، عوام کي ڇت ڏيڻ، شهري علائقن جي رهواسين کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ ۽ آبادگارن جي لاءِ زرعي قرضن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هتي چيو ويو ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف وٽ ??ئي آهي، ڇا انهن جي دور ۾ اهي ماڻهو آءِ ايم ايف وٽ ??ه ويا. هن چيو ته جڏ??ن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت 156 ارب ڊالر جو واپاري خسارو هو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام جي ڪري اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل 60 ارب ڊالر جو ٽيڪو هنيو. پيپلزپارٽي جي دور ۾ پاڪستان جو روانگي واپار 25 ارب ڊالر هو جيڪو 17 – 2016?? ۾ واپس 21 ارب ڊالر تي اچي ويو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر رهيو ان جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ ??ڃڻو پيو. هن چيو ته ملڪ کي اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف وٽ ??ٺي وئي. واڌويجهه جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري ٽيڪسيشن وڌائڻ آسان ناهي هوندو، سڄي دنيا ۾ ڪوويڊ جي ڪري واڌويجهه جي شرح هيٺ ٿي، ڀارت سوا 11 سيڪڙو منفي تي ويو جڏ??ن ته مشڪلاتن جي باوجود هن ڀيري پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 4 سيڪڙو رهي جيڪا ايندڙ سال 5 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين. ٽيڪسيشن 4700 ارب رپين جو هدف هن سال پورو ڪنداسين ۽ ايندڙ سال 58 سئو ارب رپين تي کڻي وينداسين.