اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري محسن پاڪستان ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ??اڪ??ر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??اڪ??ر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي ڪڏهن به پورو نه ٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ??عز??تي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندڙ قومي هيرو جي لاڏاڻي تي پوري قوم سوڳوار آهي. هن چيو ته ??اڪ??ر عبدالقدير خان کي قوم سدائين قومي هيرو طور ياد رکندي. ??اڪ??ر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي پنهنجي ??عز??تي پيغامن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قوم ??اڪ??ر عبدالقدير خان جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ احسانن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هنن چيو ته پاڪستان کي دنيا جو ستون ۽ اسلامي دنيا جو پهريون ائٽمي مل?? بڻائڻ ۾ ??اڪ??ر عبدالقدير خان جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، قوم محسن پاڪستان ??اڪ??ر عبدالقدير خان جي احسانن جي سدائين مقروض رهندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ??اڪ??ر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هنن چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوري قوم سميت سوڳوار خاندان کي ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي.