اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي ر??ي آهي، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي ر??ي آهي، برآمدي صنعت ۾ سيڙپڪاري وڌڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ترجيحي شعبن جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، حماد اظهر، صلاحڪارن شوڪت فياض ترين، معيد يوسف، خاص مددگار ڊاڪٽ?? شهباز گل، سي پيڪ جي چيئرمين خالد منصور، سيڙپڪاري ??ورڊ جي چيئرمين ظفر احسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي ر??ي آهي. برآمدي صنعت ۾ سيڙپڪاري وڌڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته سيڙپڪارن کي مفيد ماحول ج?? فراهمي لاءِ سمورا حڪومتي ادارا گڏجي ڪم ڪري ??هيا آهن، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي ر??ي آهي. اجلاس ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي فيز 2 تي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، ڌاٻيجي، علامه اقبال ۽ بوستان خصوصي صنعتي زونز ۾ گئس ۽ بجلي ج?? فراهمي تي ڪم تيزي سان جاري ??هي. بنيادي طور تي صنعتن جي تعمير لاءِ گهربل بجلي ۽ گئس ميسر آهي جڏهن ته صنعتن ۾ سيڙپڪاري ??ان گڏوگڏ باقي گهربل بجلي ۽ گئس ج?? فراهمي به ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سي پيڪ اٿارٽي پاران پلگ اينڊ پلي ماڊل جي تجويز پيش ڪئي وئي جنهن تي ڪم جاري ??هي، ماڊل تحت سيڙپڪارن جي سمورين ضرورتن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي پورو ڪري ??نهن علائقن ۾ صنعتن جي تعمير ۾ تيزي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي صنعتن جي تعمير، مختلف ادارن کان گهربل منظورين ۽ اهم معلومات ج?? فراهمي لاءِ سيڙپڪاري ??ورڊ پاران پورٽل تي به ڪم تقريبن مڪمل آهي جنهن کي جلد جاري ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سي پيڪ تحت منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ترقياتي ڪمن جي رفتار کي وڌائڻ لاءِ باقاعده سسٽم جاري ڪيو ويو آهي. برآمدي شعبن ۽ صنعتن جي نشاندهي ڪري ??يس اي زيز ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، زرعي شعبي ۾ نه رڳو ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڪم تيزي سان جاري ??هي، پر شعبي جي برآمدات وڌائڻ لاءِ معاهدا به ڪيا پيا وڃن، اجلاس ۾ وزيراعظم سي پيڪ فيز 2 بابت سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايتون جاري ڪيون.