اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪيچ بلوچست??ن ۾ فوجي چوڪي تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بي??ن ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر سپوٽن جي جرئت ۽ بهادري کي پور?? قوم سلام پيش ڪري ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ جي تحفظ خاطر، شهادت ماڻي??دڙ?? جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته امن دشمن عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي دم پٽينداسين. دهشتگردي جي خلاف پور?? قوم شيهي جي ديوار وانگر پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ مل??ئي بيٺل آهي. پرڏيهي وزير شهيدن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.