بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دو??ي جي ٻئي ڏينهن چين جي مختلف سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم عمران خان حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪا??ي جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو، هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين، چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا، ايسٽ سي گر??پ، چائنا ريلوي گر??پ لميٽيڊ، چائنا ميٽالورجيڪل گر??پ ڪارپوريشن، بيجنگ سنچري انڊسٽ??يل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ چين مڪس گر??پ جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران چيني سيڙپڪارن وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان ۾ انهن جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ توانائي، ريفائننگ، پيٽرو ڪيميڪلز، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، واٽر مئنيجمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ اربين ڊالر ماليت جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري منصوبن کان آگاهه ڪيو. چائنا انرجي ڪمپني توانائي، واٽر مئنيجمينٽ، ٽرانسپورٽيشن ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا ڪميونيڪشن ۽ انجنيئرنگ تي ڌيان ڏي ٿي ۽ توانائي ۽ پاڻي جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. ايسٽ سي گر??پ عالمي سطح تي توانائي ۽ ڪيميڪل جو واپار ڪندڙ ڪمپني آهي. چائنا ريلوي گر??پ لميٽيڊ انجنيئرنگ، ريئل اسٽيٽ ڊيولپمينٽ، ريلويز ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿو. چائنا ميٽالورجيڪل گر??پ ڪارپوريشن دنيا ۾ وڏي پئماني تي تعميرات جو ٺيڪيدار گر??پ آهي. بيجنگ سنچري انڊسٽ??يل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي ڪاروباري لاڳاپن ۾ اضافي جي دلچس??ي کي ساراهيندي حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪا??ي جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ملاقاتن دوران ڪابينا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.