لاهور – په??ين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم ع??ران خان چوڌري شجاعت حسين جي خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. وزيراعظم ع??ران خان چيو ته هو دعاڳو آهي ته الله تعاليٰ چوڌري شجاعت حسين کي جلد مڪمل صحتيابي فرمائي. چوڌري شجاعت حسين عيادت جي لاءِ اچڻ تي وزيراعظم ع??ران خان جا ٿورا مڃيا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، ??فاقي وزير چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، شفقت محمود، حماد اظهر، ??زيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ عامر ڊوگر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن سالڪ حسين، حسين الاهي کانسواءِ شافع حسين، راسخ الاهي ۽ منتها اشرف، محمد خان ڀٽي پڻ موجود هئا.