اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪستان ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي اجلاس جو انعقاد پاڪستاني سفارتڪاري ۽ عالم اسلام ۾ اسلام آباد جي قائداڻي ڪردار جي ڏس ۾ هڪ تاريخي واقعو آهي، پاڪستان ڪنهن بلاڪ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ امن ۽ استحڪام، دوستاڻي پاڙيسري ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سا?? چيو ته ڪانفرنس تنظيمي ۽ انتظامي موقف کان وٺي ٺوس تيارين ۽ نتيجن تائين هر لحاظ کان ڪامياب رهي، اهو پاڪستاني سفارتڪاري جو تاريخي ايونٽ هو، اجلاس ۾ ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي، سائنٽفڪ ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ تعاو?? جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو، مسلمان امت کي درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلامي ملڪ?? جي وچ ۾ حصيداري کي اڻٽر قرار ڏنو ويو. ترجمان چيو ته ڪانفرنس واضح پيغام ڏنو ته مسلمان دنيا تڪر??رن ۾ نه پر امن ۾ حصيدار آهي، پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي ۾ پاڪستا?? جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف ڪيو، ترجمان چيو ته او آءِ سي ۾ پاڪستا?? جي نمايان ڪردار جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اجلاس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن، علائقائي ۽ عالمي تنظيم?? جي 800 کان وڌيڪ نمائندن، وزاتي سطح جي 45 کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙن، اعليٰ عملدارن، نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير وانگ يي خصوصي مهمان طور تي گهرايو ويو هو، ترجمان چيو ته فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت ڀرپور قرارداد، ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا گروپ جي طرفان جامع گڏيل پڌرنامو ۽ ايڪشن پلان، افغانستا?? جي حوالي سا?? هيومينٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ، اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي مقرري، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن بابت قرارداد، 9 مارچ تي ڀارتي ميزائل جي واقعي تي سخت خدشا، پاڪستا?? جي طرفان مسلمان دنيا ۾ ام?? جي فروغ ۽ تڪر??رن جي روڪٿام جي غرض سا?? وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ جون تجويزون نمايان ڪاميابي آهن، سياسي، سيڪيورٽي، انساني، اقتصادي، سماجي، قانوني مسلم اقليتن، اسلامو فوبيا، اسلحه ڪنٽرول، دهشتگردي، غير قانوني مالياتي وهڪري ۽ بدعنواني، ثالثي ۽ او آءِ سي سڌ??رن جي حوالي سا?? هڪ سئو 40 قراردادون منظور ڪيون ويون، انهن مان 20 قراردادون پاڪستان يا پاڪستا?? جي تعاون سا?? پيش ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو انعقاد پاڪستاني سفارتڪاري ۽ عالم اسلام ۾ اسلام آباد جي قائداڻي ڪردار جي ڏس ۾ هڪ تاريخي واقعو آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن بلاڪ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ امن ۽ استحڪام، دوستاڻي پاڙيسري ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان چين کي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ خاص مهمان طور دعوت ڏني ڇو ته بيجنگ او آءِ سي ملڪن سا?? تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. ترجمان چيو ته چين وٽ اسلامي ملڪن سا?? پنهنجي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ انهي جذبي سا?? اسان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي کي خصوصي مهمان طور ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، عاصم افتخار چيو ته او آءِ سي رابطا گروپ ڄمون ۽ ڪشمير تي هڪ ايڪشن پلان به ??ختيار ڪيو.