اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ميمبر حنا رباني کر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪابينا ۾ پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير جي چارج سنڀالي ورتي آه??. حنا رباني کر پن??نج?? نئين ذ??يو??ريون سنڀالڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت پهتي ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سندس استقبال ڪيو. پاڪستان ??يپ??زپارٽي سان تعلق رکندڙ حنا رباني کر ان کان اڳ فيبروري 2011ع کان مارچ 2013ع ??ائين پرڏيهي وزير رهي چڪي آه??. ان کان اڳ هو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري مملڪتي وزير به رهي چڪي آه??.