اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب احساس پروگرام ۽ پناهگاهون بند ڪرڻ جي خبرن کي ڪوڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف و??ير??عظم چونڊجڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پهرين خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته عوامي خدمت جا منصوبا جاري رهندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام نه رڳو جاري رهندو پر ان کي وڌيڪ توسيع ڏني ويندي، و??ير??عظم شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪو پروگرام بند ناهي ٿيو، عوام جي ڀلائي جي هر منصوبي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، هن چيو ته اڳوڻي و??ير??عظم نواز شريف جو شروع ڪيل صحت ڪارڊ ائين ئي هلندو رهندو، ان کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، اهڙا ڪوڙ اهي پکيڙي ر??يا آهن جن کي و??ير??عظم جي ڪرسيءَ ۽ ڪنٽينر تي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا کي به گذارش آهي ته اها اهڙي بي بنيادن اطلاعن کي جڳهه ڏيڻ کان پاسو ڪري، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اڄ ملڪ ۾ هڪ چونڊيل و??ير??عظم آهي جيڪو ??وام جو ڏک درد ۽ احساس رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ اهڙو و??ير??عظم آهي جيڪو ??وام جي لاءِ فراخدلي ۽ ان جي خدمت جو جذبو رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ اهڙو چونڊيل و??ير??عظم آهي جيڪو ??وامي ۽ قومي سلامتي جي ايشوز کي پنهنجي سياست جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري.