اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري سان آمريڪي ناظم الامور اينجلا ايگلر الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پارا?? جاري ٿيندڙ بيان موجب پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي ??ڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪمپنين کي ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير پاڪستان کي 64 ملين ڪوويڊ ويڪسين جي خوراڪ فراهم ڪرڻ جي ورجاءُ تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا. هن رخصت ٿيندڙ آمريڪي ناظم الامور اينجلا ايگلر کي ??اڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي ناظم الامور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.