اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ??قت??ادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ مو??مياتي تبديلي ۽ قانوني لڏپلاڻ سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب يورپي يونين جي پاڪستان ۾ وفد جي ناظم الامور ٿامس سيلر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ناظم الامور شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي يورپي ڪائونسل جي صدر ۽ يورپي يونين جي صدر پاران نيڪ خواهشون پهچايون. وزيراعظم ناظم الامور پاران مبارڪباد جي پيغام تي سندن ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ يورپي يونين ۽ ان جي ميمبر ملڪن جي وچ م لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ??قت??ادي، واپاري ۽ مضبوط سيڙپڪاري لاڳاپا آهن، جن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ مو??مياتي ۽ ليگل مائيگريشن سميت مخلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻنهي طرفن جي اعليٰ سطح جي وفدن جي باقاعدگي سان مٽاسٽا ٿئي ته جيئن خطي ۽ عال??ي امن ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن جي ڏس ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ گهرو ۽ گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي. يورپي يونين جي ناظم الامور يورپي يونين جي پاڪستان سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم ج?? اظهار ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين هلندڙ سال پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۽ برسلز ۾ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.