اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف معاشي خودڪفالت ۽ پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۽ درپيش چئليجن تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ گرينڊ نيشنل ??ائ??لاگ ۽ ميثاق معيشت جي ??جويز کي ورجائيندي غربت ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي جي ل??ءِ وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس ۽ ساليانو 15 ڪروڙ، 20 ڪروڙ، 25 ڪروڙ ۽ 30 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني وارن سرنديءَ وارن ماڻهن تي ٽيڪس هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سدائين مشڪل وقت ۽ چئلينجن تي غريب ماڻهن قرباني ڏني، اڄ سرنديءَ وارن ماڻهن کي قرباني ڏيڻي پوندي، رياست جي ??ميواري آهي ته اميرن کان ٽيڪس وٺي غريبن تي خرچ ڪري، ايندڙ مالي سال جي ??جيٽ معاشي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ جي ??جيٽ آهي، ڏينهن رات محنت ڪري لوڏا کائيندڙ معيشت کي پار لڳائينداسين، مختلف مد ۾ ساليانو اٽڪل 2 هزار ارب رپين جو ٽيڪس گم ٿي ويندو آهي، ٽيڪس وصولي ۾ اضافي ۽ ٽيڪس چوري روڪڻ جي ل??ءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ستعمال ڪئي ويندي، غربت، بيروزگاري ۽ نفرتن جي ??يوار ڪيرائڻي پوندي. ملڪي معاشي صورتحال بابت اجلاس جي ??دارت ڪندي وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ناتجربيڪاري ۽ ڪرپشن سان ملڪي معيشت کي تمام گهنو نقصان ٿيو ۽ بدترين ڪرپشن ڪئي وئي، مختلف فيصلن ۾ دير وارا حربا استعمال ڪيا ويندا رهيا، معيشت ڏيوالپڻو ٿيڻ وڃي رهي هئي پر اسان جي قدمن سان پاڪستان ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ??ورتحال کان بچي ويندو ۽ ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو انقلاب ايندو، وزيراعظم ان ڏس ۾ فيصلن تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندي غربت گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون، انهن صنعتن ۾ سيمنٽ، انڊسٽري، اسٽيل، شگر انڊسٽري، تيل ۽ گئس، ڀاڻ، ايل اين جي ٽرمينل، بئنڪاري صنعت، آٽو موبائل، سگريٽ انڊسٽري، ڪيميڪلز ۽ بيوريجز تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو. هن چيو ته سگريٽ انڊسٽري ۾ 60 سيڪڙو غيررسمي شعبي سان ٽيڪس جمع ٿئي ٿو پر 40 سيڪڙو ٽيڪس وصول نه ٿو ٿئي، رياست جي ??ميواري آهي ته اميرن کان ٽيڪس وٺي غريبن تي خرچ ڪري. هن چيو ته غربت ۾ گهٽتائي جي ل??ءِ سرندي وارن ماڻهن تي به ٽيڪس لڳائڻ جي ??جويز آهي، جن ماڻهن جي ??الياني آمدني 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي انهن تي هڪ سيڪڙو، 20 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 2 سيڪڙو، 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي 3 سيڪڙو ۽ 30 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي 4 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو پيو وڃي، سمورن لاڳاپيل ادار?? ۽ ??تحادي پارٽين سان گڏجي ٽيڪس چوري تي ضابطو آڻينداسين، ساليانو اٽڪل 2 هزار ارب رپين جو مختلف مد ۾ ٽيڪس گم ٿي وڃي ٿو، ٽيڪس وصولي ۾ اضافو ڪرڻ وزيراعظم کان وٺي وفاق ۽ صوبن تائين سمورن ادارن جي ??ميواري آهي، ٽيمون ٺاهيون ويون آهن، بجيٽ کانپوءِ ناڻي واري وزارت، ايف بي آر، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن سميت سمورن ادارن ذريعي جديد ٽيڪنالاجي ??ستعمال ڪري ٽيڪس وصولي ڪئي ويندي. هن چيو ته معاشي ترقي ۽ غريبن جي ??الت بدلائڻ جي ل??ءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن، ان سان قومي ناڻي ۾ بهتري ايندي، غريبن جي ??ندگي ۾ آسودگي ايندي، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي جو خاتمو ٿيندو ۽ معاشي خودانحصاري ۽ خودڪفالت حاصل ٿيندي، هي معاشي پاڻڀرائپ ۽ خودڪفالت طرف پهريون قدم آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿيون آه?? ۽ ??يڪڏهن ڪا وڌيڪ شرط نه ٿي لڳي ته اسان جو معاهدو ٿي ويندو، پاڪستان کي سنگين خطرن کان بچائڻ جي ل??ءِ قومي اتحادي حڪومت جي ??ڳواڻن گڏجي ??رئتمنداڻا فيصلا ڪيا آهن، مختصر مدي جي ل??ءِ مشڪلاتون اينديون پر انهن فيصلن سان مشڪلاتن مان نڪري اينداسين ۽ پاڪستان قائداعظم جي مقرر ڪيل منزل طرف روان دوان هوندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ اسان وٽ ٻه رستا هئا، هڪ چونڊ سڌارا ڪري چونڊن طرف هليو وڃجي ۽ ٻيو رستو اهو هو ته سخت فيصلا ڪريون ۽ ٻڏل معيشت کي سنڀاليون، پهريون رستو آسان هو، ??ياسي ساک به بچائي وٺون ها پر ملڪ ۽ عوام کي حالتن جي ??حم ڪرم تي ڇڏيو وڃي ها ته خودغرضي جو مظاهرو ڪندي خاموش تماشائي بڻجي وڃون ها پر ضمير جو آواز اسان کي وڏي آواز چئي رهيو هو ته ائين ڪرڻ 22 ڪروڙ عوام سان زيادتي ٿيندي ۽ تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي، ان لاءِ قومي سياسي قيادت ۽ ميان نواز شريف مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو ته هي وقت سياست کي نه رياست کي بچائڻ جو آهي ۽ جرئتمندي سان اڳتي وڌنداسين، ڏينهن رات محنت ڪري لوڏا کائيندڙ معيشت کي پار لڳائينداسين. وزيراعظم چيو ته هي اسان جي پهرين بجيٽ آهي جيڪا حقيقت ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ جي ??جيٽ آهي ۽ ان جو مقصد غريب عوام، بيواهن ۽ يتيمن کي مهانگائي جي ??ار مان ڪڍڻ ۽ حالتن جي ??يرمعمولي سختين کان بچائڻ آهي، زندگي ۾ مشڪلاتون اينديون آهن پر الله تعاليٰ جي ??ات تي ڀروسو ڪريو?? ۽ ??خت محنت کي شعار بڻايون ته ڪا مشڪل مشڪل نه ٿي رهي. هن چيو ته بجيٽ قدمن سان غريبن جي ڪلهن تان بار کي گهٽ ڪيو ويندو، ??رندي وارن ماڻهن مان قوم اميد ڪري ٿي ته اڳتي وڌي ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙين ۽ مل کي باوقار ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي ل??ءِ دولت جو ڪجهه حصو ورڇ ڪن، تاريخ گواهه آهي ته سدائين مشڪل وقت ۽ چئلينجن ۾ غريب ماڻهو قرباني ڏني، اڄ سرندي وارن ماڻهن کي قرباني ڏيڻي پوندي، اميد آهي ته اهي هن عظيم ڪم ۾ پنهنجو هٿ ون??ائ?? سخاوت جو مظاهرو ڪندا، پهرين بجيٽ آهي جنهان ۾ اڪنامڪ ويزن ڏنو ويو آهي، ان تي ناڻي واري وزير، واپار واري وزير، بجلي واري وزير، پيٽروليم واري وزير، معاشي ٽيم، اسان جي ??ڳواڻن، نواز شريف، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم، باپ پارٽي ۽ اي اين پي جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو آهي، هي معاشي ويزن ملڪ کي ترقي جي ??اهه تي گامزن ڪندو ۽ مهانگائي جو طوفان روڪڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم چيو ته هو سبز باغ نه ڏيکاريندو، معاشي خودمختياري جي ل??ءِ جان جي ??ازي لڳائي ڇڏيندس ۽ ان خواب جي ??عبير حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪنداسين جنهن جي ل??ءِ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ لکين ماڻهن پنهنجي ??انين جا نذرانا پيش ڪيا، بدقسمتي سان 75 سالن ۾ اهو خواب شرمنده تعبير نه ٿيو پر همت هارڻ ۽ روئڻ ڌوئڻ بدران هڪ ٿي، ٻڌي ۽ اتفاق راءِ سان سمورين پارٽين، ماڻهن، ادار?? ۽ ??حيثيت معاشرو پنهنجي ??قدير بدلائڻي پوندي، روکي سوکي گڏجي کائڻي پوندي، مشڪل کانپوءِ آساني ايندي ۽ پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪندو. هن چيو ته سرندي وارن ماڻهن تي ٽيڪس سان جيڪي وسيلا حاصل ٿيندا اهي تعليم، علاج، دوائن جي فراهمي ۽ هنرمندي جي ??ربيت جي ل??ءِ خرچ ڪيا ويندا، جيڪڏهن اسان ٽيڪس جمع نه ڪنداسين ته پوءِ قرض وٺڻو پوندو، ٽيڪس وصولي سان ئي اقتصادي خودمختياري حاصل ٿيندي، خودڪفالت کانسواءِ ڪا قوم آزادي حاصل نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان هڪ ائٽمي قوت آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ان جي ??روعات ڪئي ۽ نواز شريف کي موقعو مليو ته هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائي ڇڏيو، ??ن ۾ عوام جو پئسو شامل آهي ۽ پاڪ فوج جون خدمتون آهن، بدقسمتي سان ائٽمي قوت هجڻ جي ??اوجود اسان معاشي طور تي ڪمزور آهيون، ان معاشي ڪمزوري کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ قومي وسيلا جمع ڪرڻ جي ??رورت آهي، پنهنجي ويڙهه ختم ڪري غربت ۾ گهٽتائي، قرضن کان ڇوٽڪاري، معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ توانائي جي ??ستيابي جي ل??ءِ جنگ وڙهون ها ته اڄ ملڪ جي ??ها حالت نه هجي ها، اسان کي غربت، بيروزگاري ۽ نفرتن جي ??يوار ڪيرائڻي پوندي ۽ پاڻ ۾ محبتن جا گل ورهائي ڪنڊن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو، ??ن جي ل??ءِ گرينڊ نيشنل ??ائ??لاگ ۽ ميثاق معيشت جي ??رورت آهي، قوم گڏ ٿي فيصلا ڪري ته حڪومت ڪا به اچي يا وڃي ملڪي پاليسين آ۾ تبديلي نه ٿيآڻ گهرجي، پاڪستان جون حالتون ضرور بدلائينداسين.