اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق چيو آهي ته زندهه قومون پنهنجي ملڪ جي آزادي جو جشن تجديد عهد سان شڪراني جو سجدو ڪري ملهائينديون آهن. پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ هن چيو ته قوم کي ??هو ??عل??م هجڻ گهرجي ته اسان کي ??زادي جي اها عظيم نعمت پليٽ ۾ رکي پيش نه ڪئي وئي. ان آزادي جي راهه ۾ اسان جي بزرگن بي مثال قربانيون ڏنيون هيون. انهن کي ??زادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪ??دي باهه ۽ خون جي درياءَ مان گذرڻو پيو. اها الله تعاليٰ جي رحمت ۽ رهنمائي ۽ مدد ئي هئي جنهن آزادي جهڙي عظيم نعمت سان اسان کي نوازيو، ان ۾ پنهنجي پروردگار جو جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي گهٽ هوندو.