اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين فضا ۾ يوم آزادي تقريبون منعقد ڪري وطن سان محبت جو اظهار ڪيو. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفظ خان طرفان جاري بيان مطابق 14 آگسٽ جي ??ين??ن پي آءِ اي سڀني اڏامن تي جشن آزادي ملهائي رهي آهي. اڏامن تي قوم جي نئين معمار ٻارن جهنڊن وارا ڪيڪ ڪٽيا ۽ خوشي ملهائي. اڏامن دوران خاص طور تي ملي نغما ڳايا ويا ۽ مسافرن کي پاڪستاني جهنڊا پڻ ??يش ڪيا ويا. انهن تقريبن جو انتظام پاڪستان جي 75هين يوم آزادي جي م??قع?? تي ڪيو ويو آهي.