اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آبادگارن کي ترجيحي بنيادن تي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ هنگامي بنيادن تي زرعي سڌارا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ??دارت ۾ ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ??ڌارن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾و فاقي وزيرن طارق بشير چيما، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مفتاح اسماعيل، خاص معاونين احد چيما، محمد جهازين خان جڏهن ته سمورن صوبن جي ??راعت سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ زرعي سڌارن جي لاءِ مختلف شعبن جي 8 سب ڪميٽين جون وزيراعظم کي سفارشون پيش ڪيون ويون، انهن سفارشن ۾ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري ٺوس منصوبابندي شامل آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي آبادگارن کي ضروري سهولتون فراهم ڪندي. حڪومت آبادگارن کي گهٽ لاڳت تي وقت سر معياري ٻج، ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائيندي. آبادگارن کي غيرمعياري ٻج ۽ زرعي دوائُون وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جو خاتمو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته مقامي سطح تي معياري ٻج جي پيداوار جي لاءِ زرعي تحقيقي ادارن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. حڪومت آبادگارن کي جديد مشينري ۽ قرضن ۾ سهولت جي فراهمي يقيني بڻائيندي. حڪومت ڪڻڪ ۽ زرعي جنسن کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ سائيلوز جي ??عمير تي ڪم ڪندي. ڪڻڪ جي فصل جي پوکيءَ کان اڳ پيداوار ?? في ايڪڙ يقيني بڻائڻ جا قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته يقيني بڻايو وڃي ته زرعي شين تي حڪومت پاران سبسڊي آبادگارن تائين پهچي. زرعي منصوبابندي جي ??وران موسمياتي تبديلي جي ??ثرن کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي. آبادگارن کي زراعت جي ??المي سطح تي لاڳو جديد طريقيڪار کان روشنا?? ڪرائڻ جي لاءِ ٺوس آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪڻڪ، ڪپهه، کاڄرو تيل، ڀاڻ، زرعي تحقيقي، زراعت ۾ پاڻي جي ??ستعمال، موسمياتي تبديلي ۽ زرعي مشينري جي ??والي سان قائم سب ڪميٽين تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ اڳتي ڪڻڪ، ڪپهه ۽ کاڄرو تيل جي پيداوار جي لاءِ قدمن، آبادگارن کي گهٽ لاڳت تي جديد مشينري، يوريا ۽ ڊي اي پي تي سبسڊي، متوقع پيداوار ۽ درآمدي معياري ٻج، پاڻي جي ??هتر استعمال ۽ آبادگارن کي وقت سر قرضن جي فراهمي جي ??والي سان سفارشون ڪيون ويون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن لاڳاپيل وزارتن کي انهن سفارشن مان ايندڙ فصل جي لاءِ هنگامي بنيادن تي زرعي سڌاراجاتي پلان جوڙين. وزيراعظم 2 ڏينهن جي ??ندر ان پلان کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم تمام جلد ملڪ ۾ زرعي سڌارن جي لاءِ ٺوس منصوبي جو اعلان ڪندو جنهن سان نه رڳو آبادگار خوشحال، ملڪي زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ زرعي جنسن جي ??رآمد ۾ گهٽتائي ٿيندي.