اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر اداڪار ۽ ڪاميڊين سردار ڪمال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيت و??ري پيغام ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ه??درديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سردار ڪمال هڪ عظيم فنڪار هو، سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته سردار ڪمال جي لاڏاڻي سان پاڪستان شوبز انڊسٽري هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿي وئي آهي. سردار ڪمال هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن سدائين ٻين جي چهرن تي مسڪراهٽون پکيڙيون. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ م??حوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.