اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي انشورنس ڪمپني کي منافعي سميت 20 لک رپيا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، انصاف جي گهرج آهي ته ڪمپني اصل رقم منافعي سان گڏ واپس ڪري. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب وحيد احمد (شڪايت ڪندڙ) 2015ع ۾ البرڪه بئنڪ جي ذريعي تڪافل پلان خريد ڪيو، ب??نڪ نمائندي تاثر ڏنو ته 20 لک هڪ ئي وقت ادائيگي ڪرڻي پوندي، 5 سالن کا??پوءِ رقم منافعي سان گڏ واپس ملي ويندي، صارف کي 11 سالن جي لاءِ 5 لک رپين جي سالياني پريميئم سان گڏ چار پاليسيون جاري ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ هر سال پريميئم جي وڏي رقم ادا ڪرڻ کا?? قاصر هو، ڪمپني کي درخواست ڪئي ته پاليسي رد ڪري ڇڏي. صارف 20 لک رپين جي رقم واپس ڪرڻ جو چيو پر رقم واپس نه ڪئي وئي. شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن صارف جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ محتسب جي فيصلي جي خلاف ڪمپني صد?? کي اپيل داخل ڪئي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊر کي 20 لک رپيا 6 سالن جي منافعي سان گڏ واپس ڪري، صارف کي رڳو هڪ پاليسي بدران وڏي سالياني پريئي?? تي ڪيتريون ئي انشورنس پاليسيون جاري ڪيون ويون. هن چيو ته تڪافل پلان 2015ع ۾ صارف کي غلط طرز تي وڪرو ڪيو ويو، ڪمپن?? ايتري عرصي ۾ رقم ڪاروبار ۾ لڳائي مناسب منافعو ڪمايو هوندو، ب??نڪ نمائندي تڪافل پلان بابت صارف کي غلط معلومات ڏئي راغب ڪيو. شڪايت ڪندڙ کي غلط معلومات ڏني وئي ته تڪافل پلان 5 سالن جي لاءِ آهي، صارف 11 سالن جي لاءِ چار انشورنس پاليسين جي ڪڏهن به چونڊ نه ڪئي. صد?? چيو ته انشورنس ڪمپني 20 لک رپيا ورتا، سيڙپڪاري ڪئي، منافعو ڪمايو، ڪو شخص غيرمنصفاڻي طور تي ٻين جي وسيلن تي پاڻ کي امير نه ٿو ڪري سگهي، شڪايت ڪندڙ کي منافعي ۾ ان جي حصي کا?? محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڪمپني منافعو ڪمايو پر غيرمنصفاڻي طور تي صارف کي ادائيگي کا?? انڪار ڪيو. صد?? پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيد جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته ڪمپني رق?? تي وڌيڪ شرح سان چارجز ڪٽڻ جو ڪو ٺوس سبب نه ڏنو. صد?? حڪم ڏنو ته ڪمپني 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي منافعي سان گڏ 20 لک رپيا واپس ڪري.