دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت سميت فروغ حاصل ڪندڙ اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا دستياب آهن، حڪومت غيرملڪي سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ??اء?? پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدال??حم??ن الثاني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ قطر جي تعاون کي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اء?? پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اء?? پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم قطر ۾ موجود پاڪستانين جي ميزباني تي قطر جي حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هتي رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? پرامن حل ۽ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? غزه تڪرار تي قطر جي اصولي موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي ??اء?? ان جي مسلسل ڪوششن کي به ساراهيو. هن تڪرار جي حل ۽ غزه جي عوام جي مصيبتن کي گهٽ ڪرڻ جي ??اء?? قطر جي انساني همدرديءَ جي قدمن ۽ سفارتي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي فروغ جي ??اء?? قطر جي اهميت کي تسليم ڪندي ڳالهه ٻولهه جي سهولتڪار ۽ علائقائي تڪرارن جي منصفاڻي حل جي ??اء?? قطر جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدال??حم??ن الثاني خطي ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪندي اقتصادي ترقي ۽ علائقائي استحڪام جي قطر جي ويزن موجب پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اء?? پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. قطر جي وزيراعظم افغانستان سميت خطي ۾ امن امان جي فروغ جي ??اء?? پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ترقي جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي ??اء?? اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز ??ري?? قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان جي متنوع اقتصادي شعبن جنهن ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن غيرملڪي سيڙپڪارن جي ??اء?? سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ??اء?? حڪومت جي عزم ۽ حڪمت عملي بابت قطر جي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? قطر جي امير ۽ وزيراعظم شيخ محمد عبدال??حم??ن الثاني پاران شاندار مهمان ??وا??ي تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سندس هي دورو پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستي، گڏيل احترام ۽ تعاون جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائيندو.