اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر راءِ مرتضيٰ اقبال، ح??جي امتياز احمد، صوبائي اسيمبلي ميمبر سيد صمصام علي شاهه بخاري ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري اعجاز احمد ۽ راءِ حسن نواز شامل آهن.