اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احساس ??يمرجنسي ڪيش پروگرام تحت مستحقين کي ادائيگي هڪ جامع نظام تحت جاري آهي، احساس پروگرام ۾ جيڪڏهن ڪنهن ذميدار جي خلاف شڪايت مليون ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڇو ته سماجي تحفظ جي ان پروگرام ۾ شفافيت اسان جي اولين ترجيح آهي، صوابي ضلعي ۾ ادائيگي مرڪز جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته ڪمزور طبقي کي مٿي کنيو و??ي ۽ ک??ن سهولتون فراهم ڪيون وڃن ان سلسلي ۾ احساس ??يمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪيو ويو، ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احساس ??يمرجنسي ڪيش پروگرام تحت مستحقين کي ادائيگي هڪ جامع نظام تحت جاري آهي، احساس ??يمرجنسي ڪيش پروگرام کي شفاف انداز ۾ هلايو پيو و??ي، جيڪڏهن ڪنهن مستحق جو حق ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.