اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ??يو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع ??وقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سفير ڪنوري مستسودا سان ??لا??ات دوران ڪيو. ??لا??ات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??لا??ات ۾ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع ??وقعا موجود آهن. پاڪستان ۾ زرا??ت، معدنيات، سياحت، ماهيگيري، تعميرات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. موجوده حڪومت پاڪستان ۾ هائوسنگ شعبي ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏئي رهي آهي، ان شعبي ۾ جاپان جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن.