اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن جي حلف لاءِ 60 کان 90 ڏينهن جو مدو مق??ر ڪرڻ لاءِ اليڪٽوريل ايڪٽ ۾ ترميم، شڪي لائسنس رک??دڙ وڌيڪ 22 پائليٽس جا لائسنس رد، ايٽي مليريئل ڊرگ ۽ حفاظتي لب??س برآمد ڪرڻ، انفلوئنزا، ڪينسر سميت زندگي بچائي??دڙ مختلف 250 دوائن جي ريٽيل پرائسنگ ۽ مختلف مق??رين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا ماڊل جيل جي قيا?? جي لاءِ گرين ايرياز تي جيل جي دياور ۽ عمارت جي تعمير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هداايت ڪئي ته گرين ايرياز تي ڪيل تعميرات فوري طور تي ڊاهيون وڃن ۽ گرين ايرياز بحال ڪيا وڃن، گرين ايرياز تي اڏاوتن جي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته تازين برساتن جي نتيجي ۾ متاثر ٿي??دڙ مستحق خاندانن کي احساس پروگرا?? جي ذريعي مدد فراهم ڪئي وڃي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا شڪي لائسنس رک??دڙ پائليٽس جي خلاف جاري ڪارروائي ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.