اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪشمير??ن جي جائز حق، خودمختياري وارو حق حاصل ٿيڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورز??ن جو نوٽيس وٺي، ڄمون قتل عام جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 6 نومبر ڄمون ۽ ڪسمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن سا?? پهرين، راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جي حامي ڊوگره فوج ۽ ڀارتي قابض فوج جنگ عظيم کانپوءِ پهرين وڏي نسل ڪشي ۾ ان خطي جي مسلمان آبادي کي اقليت ۾ تب??يل ڪرڻ جي غرض سا?? منظم طريقي سا?? 237000 کان وڌيڪ مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو هو، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ يڪطرفو قدم به ڄمون جي قتل عام جو افسوسناڪ تسلسل آهي، ڇو ته ان جو مقصد به والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اڪثريت کي اقليت ۾ تب??يل ڪرڻ آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿ??ن جنيوا ڪنوينشن جي سراسري خلاف ورزي آهي،