اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊيڊ روانگي واپار جي فروغ لاءِ سوتي ڌاڳي تي 30 جون 2021ع تائين 5 سيڪڙو د??آم??ي ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ اين ايڇ اي جي ريو??ني?? ۾ اضافي جي لاءِ روڊ ميپ جي تياري جي ڏس ۾ منصوبابندي واري وزير اسد عمر جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اي سي سي لاجسٽڪ ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ آڻيندڙ جهازن جي برٿنگ کي ترجيح ڏني وڃي جڏ??ن ته ان ڳالهه جو به خيال رکيو وڃي ته ان سان ٻيو د??آم??ي مال متاثر نه ٿئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.