اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي استعمال ڪرڻ جي وقتن جي بنياد تي ٽيرف اسڪيم جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين ??اري ??لاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، واپار واري ??لاحڪار عبدالرزاق دائود، روينيو واري ??اص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري ??اص معاون تابش گوهر ۽ وزيراعظم جي اداراجاتي سڌارن واري ??لاحڪار ڊاڪٽر عشرت حس??ن شرڪت ڪئي.