اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کان ڇوٽڪارو ڏياري، وزيراعظم عمران خان جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ پاڪستان ڀارتي ظلمن، بربريت، والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت جي تبديلي، ڊگهي لاڪ ڊائون ۽ انسانيت لڄائيندڙ سلوڪ کي عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت عالمي فورمز تي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري و??ري جدوجهد ۾ انهن سا?? گڏ بيٺل آهي، هر گذرندڙ ڏينهن معصوم، بي ه??يار ڪشميرين جي لاءِ اسان جي حمايت کي ??ڌي?? سگهه ملندي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ” يوم يڪجهتي ڪشمير تصويري نمائش“ جي ت??ري?? کي خطاب ڪري رهيو هو، آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي و??ير شاهه محمود ??ري??ي، غير ملڪي سفارتڪارن جو وڏو تعداد ت??ري?? ۾ شريڪ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو ته غير قانوني ڀارتي و??لاريل ڪشمير ۾ زندگي جي ٻين رخن سا?? گڏوگڏ سموري ثقافتي ۽ قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي و??ارت پاران تصويري نمائش منعقد ڪرڻ بهترين قدم آهي، هن چيو ته ڪشمير زمين تي جنت جي نظير آهي پر مظلوم ۽ بي ه??يار ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت ۽ فوج ظالماڻي ۽ غير انساني سلوڪ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.