اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ??ه عوام کي رعايتي اگهن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي موجوده حڪومت جي ترجيح آهي، سستي اگهن تي بينادي کاڌي پيتي جي شين جي هڪجهڙي ورڇ سان منافع خور مافيا کان عوام کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسپيڪر اسد قيصر يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ضرورتمند ماڻهن کي رعايتي اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يق??ني بڻائڻ لاءِ مناسب طريقي تي عملدرآمد کي يق??ني بڻائي ۽ منافع خور ۽ ذخير?? اندوز مافيا جي ڪري رعايتي اگهن تي ملندڙ شين کي کوٽ پيدا نه ٿيڻ ڏين، هن ضلعي سطح تي انتظاميه کي رمضان المبارڪ دوران اگهن ۾ ناجائز اضافي جي روڪ ٿام کي يق??ني بڻائڻ جي هدايت ڪ??ي آهي، يوٽيليٽي اسٽورز جي مينيجنگ ڊائريڪٽر پاران اسپيڪر کي رمضان جي مه??ني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهرج ۽ پهچ بابت بريفنگ ڏني.