اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان جو عو??مي شڪايتن جي بهتر حل جو مشن ج??ري آهي. پنجاب پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي لاءِ پاڪستان سٽيزن پورٽل بابت ورڪشا?? منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران ج??ري خط ۾ آءِ جي پنجاب، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ڊي پي اوز کي ذاتي طور تي ٽريننگ ۾ شرڪت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ورڪشاپ ۾ سمورن اعليٰ آفيسرن کي وڊيو ل??ڪ ذريعي شڪايتن جي حل تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. برينگ وزيراعظم جي آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران ڏني ويندي. ورڪشاپ ۾ اعليٰ آفيسرن جي سدطح تي عو??مي شڪايتن جي صحيح ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاليسي سازي تي بريفنگ ڏني ويندي. پنجاب پوليس کانپوءِ باقي صوبن جي اعليٰ پوليس آفيسرن کي پڻ سکيا ڏني ويندي. واضح رهي ته آءِ جي پنجاب جي آفيس پاران تفصيلي آڊٽ ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل آفيسرن جو ورڪشا?? منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سکيا هن ئي هفتي منعقد ڪئي ويندي.