اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ طئي ٿيل هدف وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، سيڙپڪارن کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ آسانيون فراهم ڪيون وڃن، معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ تيز تر معاشي تر??ي لاءِ سيڙپڪاري اهم ترين جز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سا?? جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب اجلاس ۾ خصوصي صلاحڪار ڊا??ٽر معيد يوسف، ڊا??ٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزات?? جا سيڪريٽري، نيپرا جو چيئرمين، چئني صوب?? جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري اجلاس کي انهن سڀني قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، جيڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ کنيا ويا ??هن?? انهن قدمن ۾ قانون ۾ ترميم، ٽيڪس وصولين جي طريقيڪار ۾ آساني، ٻين کاتن مان اين او سي کي جلد حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، غير ضروري ۽ پراڻي ضابطه ڪار ۾ ترميم شامل آهي.