اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات لاءِ غير ملڪي صحافين جي واگها رستي پاڪستان اچڻ تي پابندي ج?? ڀارتي فيصلو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، عالمي صحافين کي پاڪستان اچڻ کا?? روڪي دنيا جي ”سڀ کا?? وڏي ج??هوريت“ جي نام نهاد دعويٰ هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي پاڪستان اچڻ کا?? روڪي مودي حڪومت پنهنجي انهن دعوائن جي نفي ڪئي آهي ج??ڪي ان جي پرڏيهي وزير تازو ئي اعتدال پسندي، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي قانونن جو درس جي طور تي دنيا جي سامهون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين دهلي ۾ رهن??ڙ نيويارڪ ٽائمز، رائٽرز ۽ دي اڪنامسٽ جي نمائندن کي پاڪستان اچڻ کا?? روڪڻ ڀارت جي ان خوف ۾ مبتلا هجڻ جو واضح ثبوت آهي ته هو سچائي کي منهن نٿو ڏئي سگهي، هن چيو ته ميڊيا جي پيشيوراڻي معاملن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ آزاداڻي رپورٽنگ جي مڃيل عالمي حق کا?? روڪڻ 5 آگسٽ 2019ع جي فسطائي، هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن جي انتهاپسنداڻي ذهنيت جو تسلسل آهي ج??هن جي ذريعي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب غير قانوني طور تي ڀارت جي ڏاڍ هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو بنيادي حق عوامي راءِ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کا?? اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن پرڏيهي صحافين کي 5 آگسٽ تي آزاد ڪشمير جي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، اسان چاهيون ٿا ته ڀارت سمورن خودمختيار صحافين کي والاريل ڪشمير ۾ وڃڻ ۽ حقيقي رپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏي.