پشاور – 05 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جو شعبو وڏي تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ۾ به سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? خاص طور تي ان??نيئرنگ جي شعبن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي ۽ اهڙي طرح پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي راهه ڪڍي وڃي. هو يونيورسٽي آف ان??نيئرنگ اينڊ ٽيڪنا??اج?? پشاور ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ليبارٽري جي افتتاح جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته موجوده دور جي چئلينجز جي ڏس ۾ ورچوئل ۽ آن لائن ايجوڪيشن سسٽم جي اهميت وڌي وئي آهي ۽ ان ميدان ۾ خطي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ورچوئل ۽ آن لائن نظام تعليم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، صدر چيو ته اسرندڙ ملڪن جي ترقي جي ميدان ۾ تيز رفتاري سان اڳتي وڌڻ جو راز به اهو ئي آهي ته اهي ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي شعبي ۾ متعارف ٿيندڙ جدتن مان تيز تر فائدو کڻڻ جي پاليسي اختيار ڪيل آهي. هن چيو ته پاڪستان به ان پاليسي مان فائدو کڻڻ جي حوالي سان گهربل وسيلا رکي ٿو ۽ جيڪڏهن ضرورت آهي ته ان ڳالهه جي آهي ته انهن وسيلن کي صحيح ۽ بهتر کان بهتر ان??از ۾ استعمال ۾ آندو وڃي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي شعبن ۾ جديديت طرف تيزي سان اڳڀرائي ڪئي وڃي. ڊاڪٽر عارف علوي ان حوالي سان مقصد هاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻڻ سان گڏوگڏ بنيادي سائنسي نظرين ۽ ان??نيئرنگ ڊسيپلنز کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اهي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ نوجوان نسل کي ماڊرن تعليم ۽ تحقيق ۽ هنرمندي کان روشناس ڪرائڻ ضروري آهي جنهن جي لاءِ ملڪ ۾ موجود يونيورسٽيز آف سائنس ۽ ٽيڪنا??اج??ز جو ڪردار ان??هائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ان??نيئرز، آرڪيٽيڪس ۽ آءِ ٽي پروفيشنلز جي ضرورت آهي جيڪي عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ مستقبل جي ذميوارين کي منهن ڏيڻ جي اهليت رکندا هجن 7 ان سلسلي ۾ سموري ذميواري ڄاڻايل يونيورسٽيز جي تدريسي عمل تي لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته شاگرد پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ يو اي ٽي پشاور جي شاگردن کي مستقبل جون ذميواريون بهتر ان??از ۾ کڻڻ جي قابل بڻجڻ جي لاءِ ان درسگاهه جي اعليٰ تعليمي معيار، هتان جي ماحول ۽ هتي موجود تعليمي سهولتن مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ان??نيئرنگ ۽ ٽيڪنا??اج?? جي معياري تعليم جي فروغ ۽ ان حوالي سان پاليسيز جوڙڻ ۾ يو اي ٽي پشاور جو نمايان ڪردار رهيو آهي. هن يونيورسٽي جي ان??ظاميا کي هدايت ڪئي ته اها يونيورسٽي ۾ آءِ ٽي اسٽوڊنٽس جي انگ ۾ وڌ کان وڌ اضافي کي يقيني بڻائي ۽ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جي ضرورت موجب آءِ ٽي ماهر تيار ڪري. يو اي ٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر افتخار حسين پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ صدر کي يونيورسٽي جي نمايان ڪمن ۽ ٻين معاملن بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته حڪومت جي احساس پروگرام ۽ ان سان گڏوگڏ 30 ڊونر ايجنسيز جي تعاون سان ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفن جي مد ۾ ساليانو 100 ملين رپين جا فنڊز فرا??م ڪيا پيا وڃن.