اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست ۾ ڪو ڪردار نه آ??ي، پارليامينٽ بابت اهي ئي ڳالهه ڪرڻ جا مجاز آهن جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، پي ڊي ايم انهن جو ناڪام ترين پروگرام آ??ي، تاريخن تي تاريخون انهن جو شيوو بڻجي چڪو آ??ي، فضل الرحمان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آ??ي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري ح??وم?? جي خلاف سازشن ۾ مصروف آ??ي، جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏنل وزيراعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري ٿو. فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته عمران خان واحد شخص آهي جنهن کي عالمي سطح سان گڏوگڏ پاڪستان جي اندر به پذيرائي حاصل آ??ي، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آ??ي، ڪجهه شر??سند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجو سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده ح??وم?? ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، فضل الرحمان (ن) ??يگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۾ حصيدار آ??ي، فضل الرحمان حقيقتون ٻڌائڻ کان عاري آ??ي، 2018ع جي اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ انهن جي دماغي پوزيشن ٺيڪ ناهي رهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي اليڪشن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ڊبل ووٽ کڻنداسين. مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته (ن) ??يگ جي ح??وم?? ۾ اليڪشن جي فارم مان ختم نبوت جو خاتمو ڪرڻ جي تائيد ۽ حمايت ڪندڙ فضل الرحمان آهي. وزيراعظم عمران خان ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، 22 ڪروڙ عوام اسلام جي آڙ ۾ ذاتي مفادن جي سياست ڪندڙن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي.