اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته آبادي ۾ وڏي پئماني تي ??ضافي سان ملڪي وسيلن تي ??ٻاءُ وڌي رهيو آهي، آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ عالمي پارٽنرز کي گڏ کڻي هلنداسين، هيلٿ ورڪرز ۽ عالم سڳورا آبادي جي شرح ۾ اضافي ۽ توليدي صحت بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪن، ميڊيا توليدي صحت ۽ وڌندڙ آبادي جي مسئلي کي اجاگر ڪري، حڪومت عورتن کي صحت جي بهترين سهولتن، کين قرض ۽ تعليم جي فراهمي کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بهبود آبادي ۽ فيملي پلاننگ جي ب??ري ۾ عالمي ڊونرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي و??ري وفاقي وير سيد فخر امام، پارليامينٽ جا ميمبر، برطانيه ۽ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنرز، آسٽريليا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر، يورپي يونين جي سفير، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريذيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر، مختلف ملڪن جي سفارتڪارن سميت سرڪ??ري ۽ غير سرڪ??ري تنظيم جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، صحت جي شعبي ان ڏس ۾ زبردست ڪردا?? ادا ڪيو جنهن جي ڪري پاڪستان کي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪاميابي ملي. هن چيو ته آبادي جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ماڻهن سان رابطي جي ضرورت آهي، صدر چيو ته وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ صوبائي حڪومتون به ان طرف پنهنجو ڌيان مرڪوز ڪيو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي پاڪستان ۾ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ ۽ بهبود آبادي جي لاءِ برطانيه، آمريڪا، ڪينيڊا، آسٽريليا، يورپي يونين ۽ امدادي ادارن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ عالمي پارٽنرز کي گڏ کڻي هلنداسين. هن چيو ته حڪومتي منصوبن ۽ ڪوششن جو بنيادي مقصد عورتن ۽ ٻارن جي صحت بابت تعلق آهي. هر خاندان کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته بهبود آبادي لاءِ خانداني منصوبابندي جي ضرورت آهي، اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته هڪ پورو خاندان صحت مند خاندان جي طور هجي، عالم سڳورا بهبود آبادي کي پنهنجي جمعي جي خطبن ۾ شامل ڪن، ماڻهن کي اشتهارن تي وڌيڪ ڀروسو ناهي هوندو، ميڊيا ڇاتي ??ي ڪينسر ۽ ٻين بيمارين بابت عوامي آگاهي پيدا ڪر?? ۾ زبردست ڪردا?? ادا ڪيو، ميڊيا صبح جي پروگرامن ۾ توليدي صحت ۽ وڌندڙ آبادي جي مسئلن کي اجاگر ڪري، صدر چيو ته خاندان جي صحت ۽ تعليم سان قوم مٿي اڀرندي آهي. غير سرڪ??ري تنظيمون اسان سان گڏ هلن ته جيئن پاڪستان کي وڌيڪ صحت مند ۽ خوشحال بنائي سگهجي، ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته آبادي، عورت جي صحت، ترقي ۽ معيشت اهو سڀ شيون گڏجي هلنديون آهن، ملڪي معيشت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، آبادي ۾ وڏي پئماني تي ??ضافي سان وسيلن تي ??ٻاءُ وڌي رهيو آهي، اسان جي پريشاني اها آهي ته آبادي وڌڻ سان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسان کي آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، حڪومت عورتن لاءِ قرض ۽ تعليم جي فراهمي کي ترجيح ڏئي رهي آهي، صدر چيو ته قدرت عورت کي تعليم ۽ صحت جي حوالي سان هڪ ذميد??ري ڏني آهي، وڌندڙ آبادي کي روڪڻ لاءِ حمل روڪ دوائن جي فراهمي جي ضرورت آهي، عورت ۽ خاندان جي مڪمل صحت جي ڳالهه ڪر?? گهرجي جنهن ۾ ويڪسينيشن ۽ فيملي پلاننگ به شامل آهي، هن چيو ته ان حساس موضوع تي هاڻي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ان ۾ اسان جي عالمن جو به ڀرپور ڪردار آهي، ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ جي ب??ري ۾ قرآني آيتن جو پرچار ڪيو وڃي، صدر چيو ته پاڪستان 60ع 70ع جي ڏهاڪي ۾ فيملي پلاننگ جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو، اسان کي مستقبل جي ب??ري ۾ پنهنجي هدفن کي مقرر ڪري وسيلن کي موبلائيز ڪر??و پوندو.