اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش?? چيو آهي ت?? پاڪستان ت??پي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان وچ ايشيا ويزن ت??ت وچ ايشيائي رياستن سان پائيدار ۽ نتيجا خيز لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن ت??ڪمانستان جي پنهنجي هم منصب راشد ميرودوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي ت?? پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش?? چيو ته ترڪمانستان وچ ايشيا جو اهم ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. ترڪمانستان جي عوام ۽ قيادت کي مستقل غيرجانبداري جا 25 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اسان وچ ايشيا ويزن ت??ت وچ ايشيائي رياستن سان پائيدار ۽ نتيجا خيز لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير پرخلوص ميزباني ت?? پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.