اسلام آباد – 26 جنوري (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد پوليس جي اهلڪارن ۽ بنون ۾ پوسٽ تي ح??لي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر جي – 8، اسلام آباد ح??لي ۾ شهيد ٿيندڙ اسلام آباد پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل منور حسين جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ صدر 13 جنوري تي بنون ۾ پوسٽ تي ح??لي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي سرفراز علي جي وارثن سان پڻ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ص??ر عارف علوي شهيدن کي قوم جي لاءِ قرباني ۽ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.