اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪيچ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. هن چي?? ته ملڪ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هن چي?? ته شرپسند عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جا مخالف آهن، ملڪ جي دفاع ۽ امن ۽ ام??ن جي قيام لاءِ ڌ??تي جي بهادر سپوٽن جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. هن چي?? ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني به سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي بلند درجن جي دعا ڪئي.