اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي قرار??اد جي متفقه منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفا قدم واپس وٺي. سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم اها قرار??اد پيش ڪئي جڏهن ته مملڪتي وزير علي محمد خان قرار??اد پڙهي ٻڌائي، قرار??اد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ پاڪستاني عوام جي جذبن جي عڪاسي ڪندي يوم يڪجهتي ڪش??ير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام ۽ هيروز کي اسلام پيش ڪري ٿو، قرار??اد ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت انهن غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي جيڪي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير بابت گڏيل قومن جي قراردادن جي سنگين ورزي آهن. قرار??اد ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي خلاف ورين، جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن بابت عالمي قانونن جي خلاف و??زي?? جي مذمت ڪئي وئي آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان هن وقت تائين سوين بي گناهه ڪش??يرين کي شهيد ۽ گرفتار ڪيو ويو آهي، قرار??اد ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ڀارت جي بدترين رياستي دهشتگردي جي باوجود ڪش??يرين کي انهن جي پيدائشي حق، خودمختياري واري حق جي جدوجهد جي جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهجي، اها آزادي جي جدوجهد ڪش??يرين ۾ مقبول، مقامي سطح جي ۽ وڏي پئماني تي موجود آهي. قرار??اد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀارتي وزيراعظم مودي ۽ ان جي فاشسٽ پارٽي آر ايس ايس جنهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ هٿين خالي ڪش??يرين تي دهشت طاري ڪري رکي آهي ۽ بي رحماڻي ظلمن ۾ ملوث آهي، ان کي انسانيت جي خلاف ڏوهن تي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. قرار??اد ۾ ڀارتي حڪومت تي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ تلاشي ۽ گهيراءُ جي ڪاررواين جي دوران جعلي مقابلي ۾ ڪش??يري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهين قتل کي بند ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. قرارا??اد ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي حڪومت جي غير قانوني قدمن کي رد ڪيو ويو آهي ۽ سمورين سياسي قيدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، قرار??اد ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري ڀارت جي ڪش??يرين تي ظلمن سميت نسل ڪش?? جي خطرن جو نوٽيس وٺي جيڪو هاڻي عالمي سطح تي دستاويزي شڪل ۾ موجود آهن، قرار??اد ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته عالمي برادري ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪش??ير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي سنگين خلاف و??زي?? جو نوٽيس وٺندي. قرار??اد ۾ حڪومت پاڪستان، پارليامينٽ ۽ عوام پاران ڪش??يري ڀينرن ۽ ڀائرن کي يقين ڏياريو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪش??يري عوام جي خواهشن موجب ڪش??ير تڪرار جي حل تائين انهن جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهنداسين. هي ايوان ڪش??يري عوام جي انهن جي پيدائشي حق، خودمختياري جي ڀرپور حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، ان کانپوءِ سينيٽ قرار??اد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ان قرار??اد جي ڪاپي گڏيل قومن ۽ پاڪستان ۾ قائم غير ملڪي سفارتخانن ڏانهن موڪلي ويندي.