اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته ڦورو ٽولو ست رڇين جُون دعوتون اڏائي رهيو آهي، عمران خان جي ڪري انهن جون ملاقاتون ٿي رهيون آهن، ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ڳالهه ٿيندي رهي، انهن جي ڪهڙي گڏيل ايجنڊا آهي پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ان ۾ ڪجهه آهي؟ او آءِ سي جو ??جلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته انهن کي ذاتي سلامتي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي، اسان کي لانگ مارچ احتجاج کان ڪو خوف نه آهي، ساڍا 7 ارب جو ??هباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ??يف آءِ اي ۾ شهباز شريف جو ڪيس هلي رهيو آهي، پنهنجي ساڍا ٽي سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آهيون، سي اي سي وزيراعظم کي چين جي ڪامياب د??ري تي مبارڪباد ڏني آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرخ حبيب ??يو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سڀني صدرن پنهنجي ڪارڪردگي جون رپورٽون پيش ڪيون آهن. هن ??يو ته پارٽي جي تنظيم سازي م??مل ڪرڻ جي لاءِ پارٽي صدرن کي 15 ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏني وئي آهي. پارٽي جو مستقل پارلياماني بورڊ ٺاهيو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ پارٽي ڪارڪنن جي خواهش آهي ته وزيراعظم عوام ۾ اچي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ ترجيحون شيئر ڪري. هن ??يو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن سياسي جدوجهد ۾ وڏا وڏا عوامي ميڙ ڪيا آهن. ضلعن جي سطح تي پارٽي ورڪرز ڪنوينشن ڪيا ويندا. وزيراعظم عمران خان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته 9 فيبروري تي وزيراعظم فيصل آباد جو ??ورو ڪندو، جتي هو هيلٿ ڪارڊ جي شروعات ڪندو، جنهن سان ضرورتمند مريض پنهنجو ??لاج ڪرائي سگهندا. هن ??يو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک رپين تائين مفت علاج ڪرايو ويندو، جنهن جو ??ار حڪومت برداشت ڪندي. پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم سڌوسنئون عوام کي فائدو پهچايو آهي. هن ??يو ته 31 مارچ تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي صحت ڪارڊ مان فائدو کڻندي. پنجاب حڪومت 450 ارب ان منصوبي جي لاءِ رکيا آهن. سي اي سي وزيراعظم کي چين جي ڪامياب د??ري تي مبارڪباد ڏني آهي. هن ??يو ته جتي ملڪي سلامتي جي ڳالهه هجي ته بغض ۽ حسد نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي چوندا هئا ته سي پيڪ منصوبو سست ٿي ويو آهي، انهن کي بري طرح ناڪامي ٿي آهي، هن دوري سان پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. سڌوسنئون سيڙپڪاري ايندي، سڌوسنئون فائدو پاڪستان جي عوام کي ٿيندو. فرخ حبيب ??يو ته ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ڳالهه ٿيندي هئي، اڄ اهي ملاقاتون ڪندا ۽ دعوائون اڏائيندا ڏسڻ اچڻ ٿا، انهن جي گڏيل ايجنڊا آهي، جنهن ۾ پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ڪجهه نه آهي. هن ??يو ته او آءِ سي جو ??جلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته پنهنجي ذاتي سلامتي عزيز آهي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي. اسان کي لانگ مارچ احتجاج جو ڪو خوف نه آهي. هن ??يو ته ساڍا 7 ارب جو ??هباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ??يف آءِ اي ۾ شهباز جو ڪيس هلي رهيو آهي. هن ??يو ته لاهور پي ڊي ايم کان ٽائين ٽائين فش فش ٿي وئي هئي. پنهنجي ساڍا 3 سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آهيون.