لاهور-24 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير ش??خ رشيد احمد چيو آهي ته اپوزيشن وزيراعظم عمران خان کي سياسي طور تي ٻيهر مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، خودداري ۽ آزاد پرڏيهي پاليسيءَ لاءِ سڄي قوم وزيراعظم عمران خان سان بيٺل آهي، چونڊون ٿي وڃن ته پوءِ اپوزيشن کي سمجهه ۾ اچي ويندو ته وزيراعظم عمران خان ڪيڏي وڏي سياسي طاقت سان آيو آهي. پاڪستان ۾ چونڊون جلد به ٿي سگهن ٿيون جيڪڏهن اپوزيشن وٽ حڪومت جا ڪجهه ناراض دوست آهن ته اسان وٽ به ??ندن ماڻهو آهن، ڪنهن کي ڪڍيو پيو وڃي ۽ نه ڪوئي وڃي رهيو آهي، قانون ۾ ايمرجنسي جي گنجائش موجود آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير ش??خ رشيد احمد چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڃا تائين ڪا درخواست ناهي آئي جيڪڏهن ڪو مسئلو ٿيو ته گهرو وزارت ذميوار نه هوندي، اسان کي اڃا تائين ٻُڌايو ناهي ويو ته مسلم ليگ (ن) وارا ڪڏهن نڪرندا، سندن روٽ ڪهڙو هوندو، ان حوالي سان ڪا درخواست ناهي ڏني وئي، ان لاءِ اسان انتظام به ناهيون ??ري سگهيا پ?? ان باوجود کين سيڪيورٽي ڏينداسين، انشاءَ الله حالتون پُرامن رهنديون ۽ اهي ڏينهن به ??يريت سان گذري ويندا. اسان 2 هزار رينجرز، هڪ هزار ايف سي ۽ 9 هزار پوليس اهلڪارن سميت 12 هزار سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا آهن. جيڪڏهن ضرورت پيش آئي ته هڪ هزار ايف سي يا هڪ هزار رينجرز جا اهلڪار وڌيڪ گُهرايا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 27 مارچ تي پريڊ گرائونڊ ۾ تاريخي ۽ عظيم جلسو ڪندو، مون قوم ڪڏهن به ??يڏو جذبو ناهي ڏٺو، جيترو خودداري لاءِ هاڻي آهي. هي انهن ماڻهن جي ويڙهه ناهي جن بينظير ڀٽو خلاف عدم اعتماد تحريڪ لاءِ اسامه بن لادن کان به ڊالر ورتا. هن چيو ته اڄ انهن ماڻهن کي فوج جو خيال اچي ويو آهي، سٺي ڳالهه آهي پاڪستان جي فوج عظيم فوج آهي ۽ پاڪستان جي عدليه دُو?? انديش ۽ صاحبِ علم عدليه آهي. ڊي جي ايف آءِ اي کي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ عدليه خلاف سوشل ميڊيا تي ڪير به ??چي ته ان خلاف فوري طور قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، مان ان معاملي کي پاڻ ڏسي رهيو آهيان، ائين نٿو ٿي سگهي ته ملڪ دشمن ڀارتي ايجنٽ ۽ پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ وارا ان ملڪ ۾ عظيم فوج خلاف سوشل ميڊيا کي استعمال ڪن، اهو سندس حڪومتي دؤر ۾ نه ٿي سگهندو ۽ ان کي سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو. گهرو وزير چيو ته تمام دلچسپ ۽ سٺو مقابلو آهي، قوم کي سٺيون خبرون ٻُڌڻ لاءِ ملنديون. هن چيو ته مون ابتدا لاهور کان ڪئي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ به وڃان پر حالتون ??ينهون ??ينهن بهتر طرف وڃن پيون جنهن سان ملڪ ۽ جمهوريت اڳيان وڌندي، اسان کي گڏجي م??ئلن کي حل ڪرڻو آهي. هن چيو ته جيڪي اهو سمجهي رهيا آهن ته پارٽيون تبديل ڪرڻ سان عزت ملندي آهي پڪ سان ائين ناهي ٿيندو کين عزت ناهي ملندي. پاڪستان ۾ چونڊون جلد به ٿي سگهن ٿيون، اتحادين کان پوري اميد آهي، اتحادي هميشه دير سان ئي فيصلو ڪندا آهن ۽ اهي سوچي سمجهي فيصلو ڪندا. نسلي ۽ اصلي اهو آهي جيڪو پاڪستان، جمهوريت ۽ پارٽيءَ سان گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪجهه باخبر ماڻهن مان هڪ آهيان ڪير به ڪيڏا ناهي وڃي رهيو، ميڊيا تي افواهون پکيڙيون پيون وڃن. هن چيو ته وزيراعليٰ سردار عثمان بزدار ڪيڏانهن به ناهي وڃي رهيو، هو به ??مران خان سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اپوزيشن جا ڪجهه ماڻهو ووٽ وِجهڻ نه ويندا، يقينن هي اهو ماڻهو اهن جيڪي ذميوار آهن ۽ اهي سمجهن ٿا ته هن وقت ائين ڪرڻ ۾ ئي بهتري آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري، ممڪن آهي ته وقت کان اڳ چونڊون ٿي وڃن. هن چيو ته بلاول ڀٽو گيٽ نمبر 4 جون ??الهيون ??ري رهيو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو اڃا ٻار آهي، بلاول ته اهو به چيو هو ته او آءِ سي ڪانفرنس نه ٿيندي پر پاڪستان ۾ تاريخي ڪانفرنس ٿي، بهترين انتظامن تي سموري فورسز ۽ انتظاميه کي م??ارڪون ??يان ٿو. شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پاڪستان سان گڏ آهي، مخالف ڌر کي به ??وچڻو پوندو ته اها عالمي حالتون ??سي، پاڪستان انتشار ۽ خلفشار برداشت نٿو ڪري سگهي. يوڪرين ۽ روس جا معاملا سڀني آڏو سامهون آهن، جيڪڏهن هن ۾ نيٽو گهڙي پيو ته حالتون ??هڙي طرف وينديون. شيخ رشيد احمد چيو ته ايمرجنسي قانون جو حصو آهي پر اڄ عدليه وڏي وقار واري آهي، مان سنڌ ۾ گورنر راڄ جو حامي هئس پر وزيراعظم عمران خان سندس ٻنهي تجويزن کي رد ڪيو. شيخ رشيد احمد چيو ته ادارا ڪڏهن ناهن وِساريندا، ادارن جي 10-10 ۽ 20-20 جي پاليسي هوندي آهي، اڄ هي فوج جي وڏي تعريف ڪري رهيا آهن، سندن ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو نعرو ڪيڏانهن ويو، سندن سياست شاهراهه دستور تي دفن ٿي وئي آهي، هن چيو ته 25 مارچ تي اجلاس ٿيندو ۽ روايت مطابق ان ڏينهن رڳو فوت ٿي ويل اسيمبلي ميمبر لاءِ فاتحه خواني ٿيندي. هن چيو ته منهنجي طرف کان ته عدم اعتماد جو فيصلو 27 مارچ تي ئي ٿي ويندو، جيڪو فارمولو آهي اهو هتي م??ن شيئر نه ڪندس، ڪابه ??يءِ آخري ناهي هوندي، 10 ڏينهن اندر سياست فيصلا ڪُن ٿي ويندي ۽ ان ۾ سٺيون خبرون اينديون. هن چيو ته اسان عظيم فوج جي پاڪستان سان ڪميٽمينت آهي، انشاءَ الله حالتون بهتر ٿينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جهانگير ترين سٺو انسان آهي، الله پاڪ کيس صحت ڏي.