اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي آهي. ايوان آئين ۽ قو??ي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪندو. ان ڏس ۾ قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران باقاعده چونڊ شيڊيول جاري ڪيو ويندو، حڪومتي ميمبر اسپيڪر پاران استعيفيٰ جي اعلان کانپوءِ ايوان مان هليا ويا. ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ قو??ي اسيمبلي اجلاس ۾ بي اعتمادي جي قرارداد ??ي ووٽنگ دوران صدارت پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر سردار اياز صادق ڪئي. هن سمورن ميمبرن کي بي اعتمادي جي قرارداد ??ي ووٽنگ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو جنهن کانپوءِ 5 منٽن جي لاءِ گهنٽيون وڄايون ويون. ميمبرن جي ايوان ۾ اچڻ کانپوءِ هال جا داخلي دروازا بند ڪيا ويا ۽ اوپن ڊويزن جي بنياد ??ي ووٽنگ جو عمل شروع ڪيو ويو ان دوران تاريخ ۽ ڏينهن تبديل ٿيڻ کان هڪ منٽ اڳ پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر اياز صادق اجلاس ڪجهه منٽن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ اجلاس جي ڪارروائي جي باقاعده شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت، حديث، نعت رسول مقبول ﷺ ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي جڏهن ته نئين ايجنڊا ميمبرن ۾ ورهائي وئي. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي ۽ عمران خان 18 آگسٽ 2018ع ??ي وزارت عظميٰ جو حلف کنيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پ??رٽ??ن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، مسلم ليگ (ق)، عوامي مسلم ليگ، جي ڊي اي، بي اي پي ۽ ڪجهه ٻيا آزاد ميمبر شامل هئا. عمران خان 3 سال 7 مهينا 21 ڏينهن تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهيو. عمران خان پارلياماني تاريخ جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي باقاعده آئيني طريقيڪار تحت بي اعتمادي جي قرارداد جي ذريعي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو. ان کان اڳ 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي جيڪا ناڪام رهي ان کانپوءِ 2006ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي خلاف پڻ مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام رهي. پاڪستان پيپلزپ??رٽ??، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، جمهوري وطن پ??رٽ?? سميت ٻين پ??رٽ??ن ۽ آزاد مخالف ڌر ميمبرن پاران وزيراعظم عمران خان جي خلاف 8 اپريل تي بي اعتمادي جي رٿ قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جم?? ڪرائي وئي جنهن کانپوءِ حڪومت جي اتحادي پ??رٽ??ن، بي اي پي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق) جي ڪجهه ميمبرن پڻ مخالف ڌر سان تعاون ڪرڻ جو اشارو ظاهر ڪيو اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي قرارداد مجموعي طور تي 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي. قو??ي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر پڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، اهڙي طرح نئين اسپيڪر جي ونڊ جي لاءِ پڻ قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪندي ۽ قائد ايوان جي چونڊ کان اڳ نئين اسپيڪر جي چونڊ پڻ ڪئي ويندي. قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي اهڙي طرح اسپيڪر سان گڏ نئين ڊپٽي اسپيڪر جي پڻ چونڊ آئين ۽ قو??ي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت عمل ۾ آندي ويندي. پي ٽي آءِ جي مبينا منحرف ميمبرن رانا قاسم نون?? نور عالم خان، راجا رياض، وجيهه اڪرم، نزهت پٺاڻ، عامر لياقت حسين، ڊاڪٽر افصل ڍانڍلا، رياض مزاري، طلال گوپانگ، باسط بخاري سميت ٻين ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. چوڌري شجاعت حسين جي پت ۽ مسلم ليگ (ق) جي ميمبر چوڌري سالڪ حسين پڻ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ آخر تائين ايوان ۾ موجود رهيا.