اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي مختلف علائقن کي ميٽرو بس سسٽم سان ڳنڍڻ جي لاءِ فزيبلٽي رپورٽ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت شهرين کي بهترين، باعزت، آسان ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽس سروس جي فراهمي تي يقين رکي ٿي. وز??راعظم چيو ته 5 سال گذري وڃڻ جي با??جو?? پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو جو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو. وز??راعظم چيو ته مون ان منصوبي ۾ دير جي جاچ ۽ ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن عوامي ڀلائي جي ان منصوبي ۾ دير ۽ ان جي ڪري لاڳت ۾ اضافي کي بدقسمتي قرار ڏنو. وز??راعظم چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ملڪي معيشت جا ??مو??ا شعبا جمود جو شڪار رهيا.