جهلم ويلي – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان جي خصوصي هدايتن تي سڄي آزاد ڪش??ير وانگر جهلم ويلي ۾ به باباءِ حريت (شهيد) سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي آفيس ۾ پڻ تقريب منعق?? ڪئي وئي. تقريب ??و خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي سيد فدا حسين ڪاظمي هو. تقريب ۾ سپرنٽينڊنٽ پوليس جهلم ويلي مرزا زاهد حسين، اسسٽنٽن ڪمشنر بٽيان بالا سيد غلام محي الدين گيلاني، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽرز سردار ظهير کانسواءِ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد فدا حسين ڪاظمي سيد علي گيلاني جي آزادي جي جدوجهد جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سيد علي گيلاني ڪش??ير مسئلي جي باوقار حل ??و خواهشمند رهيو، هن هر سطح تي ڪش??يرين تي ڀارتي ظلمن خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪيو، ان لاءِ هو ڀارتي حڪمرانن جي اکين ۾ کٽڪندو هو، ڀارت طاقتج ي زور تي ڪش??يرين کي دٻائڻ جي لاءِ سمورا حربا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڪش??ير جي حوالي سان راءِ شماري جي لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کان مسلسل ڀڄي رهيو آهي.